اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان حڪومت طرفان پي ٽي آء باني جي سيل تصوير جاري ٿيڻ ۽ سهولتن جي دعوائن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي موت جي ڪوٺي ۾ رکيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب پي ٽي آءِ باني جي ايڪس هينڊل تي شيئر ڪيل وڊيو بابت جاچ لاءِ ايف آءِ اي ۾ طلبي تي ڪاوڙجي پيو.
عمر ايوب ڊي جي ايف آءِ اي جي ايوان ۾ طلبي جو مطالبو ڪندو چيو ته ايف آءِ اي کي طلب ڪرڻ جرئت ڪيئن ٿي، ميمبر طور پارليامينٽ هو اسٽيٽ ۽ ڊي جي ايف آءِ اي جو ملازم آهي، ايف آءِ اي جو هڪ سب انسپيڪٽر ڪيئن نوٽيس جاري ڪري سگهي ٿو.
عمر ايوب جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي موت جي ڪوٺي ۾ رکيو ويو آهي، بشريٰ بي بي وٽ به سهولتون ناهن، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.