وزير اعظم جي چيني هم منصب سان ملاقات، سي پيڪ جي اپ گريڊشن تي اتفاق

وزير اعظم شهباز شريف ۽ چيني وزير اعظم لي چيانگ وچ ۾ سي پيڪ جي ترقي لاءِ مسلسل عزم ۽ حمايت جي اظهار سان گڏوگڏ منصوبي کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي به اتفاف ڪيو ويو.
وزير اعظم شهباز شريف ۽ چيني وزير اعظم لي چيانگ جي ملاقات ۾ ٻي طرفن لاڳاپن جي سمورن پهلون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته علاقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
ٻنهي شخصيتن جي ملاقات ۾ سي پيڪ جي ترقي لاءِ مسلسل عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ويو ۽ سي پيڪ کي اپگريڊ ڪري وڌيڪ تعاون تي به اتفاق ٿيو.
ٻئي پاسي ٻنهي اڳواڻن مفاهمتي صحيحن جي تقريب ۾ به شرڪت ڪئي، جنهن دوران وزير اعظم شهباز شريف ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت جي خاطري ڪرائي.

PMShahbazSharif PakChina CPEC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.