ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ لنجار جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ قتل جي واقعن تي خوشي نه ڏک آهي.
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي ۾ ايم ڪيو ايم ميمبرز گوڙ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر اويس شاهه چيو ته سوال پڇڻو آهي ته سوال پڇيو، ماحول خراب نه ڪيو، اها روايت قائم نه ڪيو جيڪا ماضي ۾ هئي.
ان تي مخالف ڌر واري اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته سوالن کان اهم مسئلو 70 انساني جانين جو آهي، ڪراچي ۾ امن امان اسان لاءِ اهم مسئلو آهي.
ايم ڪيو ايم جي ميمبر قرت العين چيو ته ڪراچي شهر ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن کي قتل ڪيو پيو وڃي، موبائل ۽ ڪيش ڦرڻ دوران ماڻهن کي قتل ڪيو ويندو آهي، ڪتن ٻلن وانگر ٻارن کي ماريو پيو وڃي.
صوبائي گهرو وزير ضياءُ لنجار سوالن جي وقفي ۾ جواب ڏيندي چيو ته سوالن کان هٽي ڪري واقعن تي افسوس آهي، ڪراچي ۾ قتل جي واقعن تي خوشي نه اسان کي به افسوس آهي
You might also like