اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪينيا جي بندرگاهه تي ڦاٿل پاڪستاني چانورن جا 1300 ڪنٽينر ڇڏيا ويا آهن.
واپار واري وزارت پاڪستاني چاول جا ڪنٽينر ڇڏڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته چانورن جا اهي ڪنٽينر ممباسا جي بندرگاهه تي ڦاٿل هئا، وفاقي وزير ڄام ڪمال جي مداخلت بعد چانور جا ڪنٽينر ڇڏيا ويا.
واپار واري وزارت ٻڌايو آهي ته ڄام ڪمال طرفان ڪينيا جي واپار واري وزير جي اختيارين کي خط لکيو هو، جنهن ۾ بحيرا احمد ۾ هاڻوڪي صورتحال جو سبب ٻڌايو ويو هو.
واپار واري وزارت موجب ڪينيا جي حڪومت زيرو ريٽ تي 1300 ڪنٽينرز رليز ڪيا، ڪينيا حڪومت پاڪستاني چانورن کي 30 نومبر 2024ع تائين ريٽ تي پهچ ڏني آهي.
Pakistan Containers KenyaGovt