پاڪستان ۽ چين بشام دهشتگردي تي رابطي ۾ آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين بشام دهشتگردي تي رابطي ۾ آهن.
پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ صحافين کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي چين جي دوري جي حوالي سان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف چين جي اهم دوري تي آهي، چين جي دوري ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پرڏيهي وزير به موجود آهي، اڄ صبح وزيراعظم شهباز شريف جي چيني هم منصب سان اهم ملاقات ٿي، ملاقات ۾ بشام واقعي ۽ سي پيڪ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پرڏيهي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان پاڪستان ۾ چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. پاڪستان ۽ چين وچ ۾ 23 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون ويون آهن، ايم او يوز ۾ واپار، صنعت ۽ ٻين شعبن تي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين بشام دهشتگردي تي رابطي ۾ آهن، پاڪ، چين لاڳاپا وقت جا آزمايل آهن، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ انهن لاڳاپان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچايو آهي، اسان پنهنجي لاڳاپن تي هر ڀيري مومينٽم ۾ واڌ ڪندا آهيون.
ڀارتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو ڀارتي عوام جو حق آهي ته هو پنهنجي قيادت جي چونڊ ڪن، اسان ڀارت ۾ چونڊ عمل تي رد عمل نه ڏينداسين.

mumtazzahrabaloch Pakistan China

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.