نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي افتتاحي ميچ ۾ آئرلينڊ کي اٺ وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ ۾ ڀارت جي بيٽنگ دوران ڪپتان روهت شرما فاسٽ بالر جوش لٽل جو بال ٻانهن ۾ لڳڻ سبب رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو هو جنهن کانپوءِ هو ميدان کان ٻاهر هليو ويو .
روهت شرما 37 بالن تي 52 رنسون اسڪور ڪيون، ان حوالي سان هاڻ روهت شرما پاڻ پنهنجي تڪليف بابت ٻڌايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، روهت جي انجري سنجيده نوعيت جي نه آهي، ڪپتان جو چوڻ آهي ته ٻانهن ۾ هلڪو زور ضرور ٿيو هو پر هاڻ هو مڪمل طور فٽ آهي ۽ پاڪستان خلاف آچر تي شيڊيول ميچ ۾ ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندس.
واضح رهي ته ڀارت پنهنجي ٻي ميچ نوَ جون تي روايتي مخالف پاڪستان خلاف کيڏندو جنهن لاءِ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته اِهو مقابلو سموري دنيا ۾ سڌي ريت ٻه ارب ماڻهو ڏسي سگهندا.
RohitSharma Indiancricketteam T20WorldCup2024