پاڪستاني رانديگر ملاقات، آٽو گراف ۽ تصويرن لاءِ پئسا طلب ڪرڻ لڳا!

ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان ملاقات، آٽو گراف وٺڻ يا تصويرون ڪڍرائڻ جي خواهشمندنن کي ان لاءِ رقم ادا ڪرڻي پوندي.
هڪ دعوت نامو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي جنهن کانپوءِ پي سي بي ۽ ڪرڪيٽ ٽيم تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.
اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جو چوڻ آهي ته پرائيويٽ ڊنر ۾ شرڪت ڪرڻ تباهه ڪندڙ آهي جڏهن ته پي سي بي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستاني رانديگرن خيراتي پروگرام ۾ حصو ورتو، ڪو معاوضو نه ورتو، رقم ڪنهن ڪاز لاءِ هوندي.
آمريڪا جي شهر ڊيلس ۾ ٿيل تقريب جڳ دعوت نامو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيو آهي ۽ بحث جو موضوع بڻيل آهي، آمريڪا خلاف پهرين ميچ کان اڳ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ٽيم تنقيد جي نشاني تي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ميٽ اينڊ گريٽ جي نالي سان دعوت نامي تي لکيل آهي ته جيڪڏهن اوهان هن تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان کي في ڪس 25 ڊالرز ادا ڪرڻا پوندا.
پي سي بي طرفان تقريب جي تصديق ڪندي ان کي چيريٽي فنڪشن قرار ڏنو پر دعوت نامي ۾ ڪٿي به چيريٽي جو ذڪر نه آهي.
اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف جو چوڻ آهي ته رانديگر آٽو گراف وٺڻ ۽ تصويرون ڪڍرائڻ لاءِ پئسا وٺي رهيا آهن ورلڊ ڪپ دوران پرائيويٽ ڊنر ۾ شرڪت تي ڳڻتي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن آءِ سي سي يا پي سي بي پروگرام جو بندوبست ڪري ها ته ٻي ڳالهه هئي.
راشد لطيف دعويٰ ڪندي چيو ته آمريڪا ۾ ڪو به همراهه پاڪستاني رانديگرن کي سڏايندو آهي ته کائنس پڇيو ويندو آهي ته گهڻا پئسا ڏيندي.
هن دخواست ڪندي چيو ته اسان جي دور ۾ به خيال ڪيو ويندو هو، هن وقت ورلڊ ڪپ جاري آهي انڪري ڪمرشل معاملا خبرن ۾ ايندا آهن، هي فنڊ ريزنگ ۽ پرائيويٽ ڊنر نه آهن، مهرباني ڪري ائين نه ڪريو ۽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيو.

Pakistancricketteam T20WorldCup2024 PCB

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.