نصرالله گڏاڻي جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين: نياز ڪالاڻي

گهوٽڪي (رپورٽر) قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته نصرالله گڏاڻي جو قتل شعور جو قتل آهي، شهيد جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين.
شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي سڏ تي احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته قتل پويان بااثر ماڻهن جو ھٿ آهي، قاتلن کي بچائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا پيا وڃن پر اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ٿيندو.
هن چيو ته سڄي سنڌ جو عوام شهيد جي امڙ سان گڏ آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ٿينداسين.

nasrullahgadani ghokti mirpurmathelo

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.