اڄ تائين ڪنهن سان محبت ناهي ٿي: امام الحق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽر امام الحق چيو آهي ته هن کي اڃا تائين محبت ناهي ٿي ڇو ته هو محبت تي يقين ئي نٿو رکي.
امام الحق کان نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام سون هڪ همراهه سوال ڪيو ته اوهان کي پهرين محبت ڪهڙي عمر ۾ ٿي هئي؟
جنهن جي جواب ۾ امام الحق ٻڌايو ته مون کي محبت ناهي ٿي ڇو ته مان محبت تي يقين نٿو رکان، انڪري مون محبت ناهي ٿي، شادي ڪئي آهي جيڪا محبت کان وڏي شئي آهي.
هر هر وارن تي هٿ ڦيرائڻ واري سوال تي امام الحق چيو ته اِها ننڍپڻ جي عادت آهي، ان عادت مان پهريان والدين ۽ هاڻ گهرواري به پريشان آهي.

ImamulHaq Pakistancricketteam T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.