لسٻيلو (ويب ڊيسڪ) اوٿل ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 مسافر سڙي فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
ايس ايس پي لسٻيلا موجب مسافر بس ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، جنهن ۾ 28 ماڻهو سوار هئا، تيز رفتار بس اوٿل ڀرسان موٽر سائيڪل تي ٽڪرائجي پئي، جنهن کانپوءِ باهه ڀڙڪي پئي، جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي سڄي بس کي وڪوڙي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 مسافر سڙي فوت ٿي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا، فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
پوليس جي شروعاتي جاچ موجب بس جنهن موٽر سائيڪل سان ٽڪرائي، ان ۾ پيٽرول جو دٻو موجود هو.
balochistan lasbela sarfarazbugti