ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ميانوالي ۾ مسافر ڪوچ تي فائرنگ ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا.
ريسڪيو موجب واقعو ميانوالي جي علائقي عيسيٰ خيل ۾ پيش آيو، جتي اڻڄاتل ماڻهن هڪ مسافر ڪوچ تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 6 زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملندي ئي ريسڪيو اهلڪارن پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
پوليس موجب واقعو خانداني دشمني سبب پيش آيو، مارجي ويلن ۽ زخمين جو واسطو منده خيل سان آهي، جيڪي عيسيٰ خيل کان واپس وڃي رهيا هئا.
mianwali pakistan punjab