نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ هڪ ٻيو جوابدار گرفتار

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) پوليس مقتول صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ هڪ ٻيو گرفتار جوابدار ڪري ورتو.
ميرپور ماٿيلي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار کي پوليس يارو لنڊ مان گرفتار ڪيو.
پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان صحافي جي قتل ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل به برآمد ٿي، جڏهن ته جوابدار کي پڇا ڳاڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته جوابدار جي ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد قتل ڪيس ۾ ملوث ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

nasrullahgadani ghokti sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.