ماهرا خان اداڪاري کان پهريان ڇا ڪندي هئي؟

شوبز انڊسٽري بابت عام طور تي اهو تصور ڪيو ويندو آهي ته سڀ جا سڀ سون جو چمچ منهن ۾ کڻي پيدا ٿيندا آهن.
پاڪستاني شوبز انڊسٽري هجي يا وري بالي ووڊ، ٻنهي جڳهن تي اهڙا ڪيترائي سپر اسٽارز موجود آهن، جن اداڪاري جي دنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پهريان محنت ڪئي، ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ نوڪريون ڪيون ۽ پوءِ وڃي کين محنت جو ڦل مليو.
سپر اسٽار ماهرا خان اڄ سموري دنيا ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي آهي، اداڪارا بالي ووڊ ۾ سپر اسٽار شاهه رخ خان سان به فلم ڪري چڪي آهي.
ماهرا خان ڪراچي ۾ پيدا ٿي، او ليولز جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 17 سال جي عمر ۾ اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا هلي وئي.
هن لاس اينجلس جي سانتا مونيڪا ڪاليج ۽ يونيورسٽي آف سائوٿرن ڪيليفورنيا ۾ تعليم حاصل ڪئي.
آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ماهرا خان بطور ڪيشيئر سپر اسٽور تي ڪم ڪندي هئي.
اداڪارا گذريل سال پنهنجي ويجهي دوست سليم ڪريم سان ويجهن دوستن ۽ رشتيدارن جي موجودگي ۾ شادي ڪئي هئي.

MahiraKhan Actress Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.