ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي طرفان سخت نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيويارڪ ۾ هوٽل کي ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون نيويارڪ ۾ 9 ۽ 11 جون تي ٻه ميچون شيڊيول آهن ۽ نيويارڪ ۾ پاڪستان ٽيم کي جيڪو هوٽل ڏنو ويو آهي اِهو اسٽيڊيم کان نوي منٽن جي مفاصلي تي آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي معاملي جو نوٽيس ورتو هو جنهن تي نيويارڪ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هوٽل تبديل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هاڻ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي جيڪو هوٽل ڏنو ويو آهي اِهو اسٽيڊيم کان 5 منٽن جي ڊرائيو تي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي نيويارڪ ۾ گرائونڊ کان رڳو ڏهن منٽن جي فاصلي تي ترسايو ويو آهي جڏهن ته ٻين ٽيمن کي هوٽل کان گرائونڊ پهچڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ سفر ڪرڻو پوي ٿو.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين آءِ سي سي اختيارين سان رابطو ڪري معاملي تي خدشا ظاهر ڪيا ۽ ايونٽ انتظاميا کي پاڪستان ٽيم جو هوٽل تبديل ڪرڻ تي قائل ڪري ورتو.
ICC PCB Pakistancricketeam T20WorldCup2024