سجل علي به رنوير ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جا خواب ڏسڻ لڳي

پاڪستاني اداڪارا سجل علي ڀارتي سپر اسٽار رنبير ڪپور سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي.
سجل علي پاڪستاني ٽيلي ويزن اسڪرين جي زينت بڻجڻ واري ڊرامي ”محمود آباد کي ملڪائين“ سان شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو، پر بعد ۾ مختلف پراجيڪٽس تي ڪم ڪري پاڪستان جي پهرين صف جي اداڪارائن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي.
سجل علي پاڪستاني شوبز ۾ نالو ڪمائڻ سان گڏو گڏ بالي ووڊ ۾ پنهنجا جوهر ڏيکاري چڪي آهي.
هن 2017 ۾ ڀارتي ليجنڊري اداڪارا سري يوي سان گڏ فلم ”موم“ ۾ ڪم ڪيو، جنهن ۾ سري ديوي جي ڌيءَ جو ڪردار نڀائيندي نظر آئي.
هڪ سوال جي جواب ۾ سجل علي چيو ته مان ڀارتي اداڪار امتياز علي سان گڏ ڪرڻ جي خواهش رکان ٿي.
اداڪارا ڀارتي اداڪارن جا نالا وٺندي ٻڌايو ته مان رنبير ڪپور سان به ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي.
ياد رهي ته سجل علي هلندڙ سال يوم پاڪستان جي موقعي تي گورنر هائوس پنجاب ۾ منعقد ٿيل تقريب ۾ تمغا امتياز به حاصل ڪري چڪي آهي.

SajalAli ranvirsingh bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.