ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪاسائين عيدالاضحيٰ جي موقعي تي جانور ذبح ڪرڻ جي ريٽ لسٽ جاري ڪري ڇڏي.
ميٽ مرچنٽس ايسوسيئيشن موجب عيد جي پهرئين ڏينهن گابي جي قرباني جو ريٽ 20 هزار رپيا هوندو ۽ ٻڪري جي قرباني جو اگهه 10 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اُٺ ذبح ڪرڻ جا 40 هزار رپيا مقرر ڪيا ويا آهن.
ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته عيد جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن قرباني جو ريٽ تقريبن اڌ هوندو.
eiduladha karachi sindh