اسٽوئنس جي آل رائونڊ پرفارمنس، آسٽريليا جي عمان کي 39 رنسن تان شڪست

برج ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڏهين ميچ ۾ آسٽريليا عمان کي 39 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
برج ٽائون جي ڪنگسٽن اوول اسٽيڊيم ۾ عمان خلاف آسٽريليا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون، مارڪس اسٽوئنس شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 66 رنسن جي اننگز کيڏي، ڊيوڊ وارنر 56 رنسن سان اڳڀرو رهيو.
عمان طرفان مهراڻ خان 2، جڏهن ته بلال خان ۽ ڪليم الله 1-1 وڪيٽ حاصل ڪئي.
آسٽريليا جي 165 رنسن جي جواب ۾ عمان جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 125 رنسون ٺاهي سگهي .
عمان جي آيان خان 36 رنسون جي ٽاپ اننگز کيڏي جڏهن ته مهراڻ خان 27 ۽ عاقب الياس 18 رنسون ڍاهي آئوٽ ٿيا.
آسٽريليا جي مارڪس اسٽوئنس 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته مچل اسٽارڪ، نيٿن ايليس ۽ ايڊم زمپا جي حصي ۾ ٻه ٻه وڪيٽون آيون.
آل رائونڊ ڪارڪردگي تي مارڪس اسٽوئنس کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .

MarcusStoinis Australia T20WorldCup2024 Oman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.