اسان ورلڊ ڪپ کٽڻ آيا آهيون: محمد عامر

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته آءِ سي سي ايونٽ سدائين وڏو چئلينج هوندا آهن، اسان هر قسم جي صورتحال لاءِ تيار رهندا آهيون، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي لاءِ پراميد آهيون.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا خلاف ميچ کان اڳ فاسٽ بالر محمد عامر ڊيلس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان هتي ورلڊ ڪپ کٽڻ آيا آهيون، ان لاءِ اسان کي هر ميچ کٽڻي آهي.
محمد عامر چيو ته موسم اسان جي هٿ وس نه آهي، اسان کي هر صورتحال لاءِ تيار رهڻو آهي ۽ ذهني طور تي اسان تيار آهيون.
شاداب ۽ اعظم خان جي ڪارڪردگي بابت محمد عامر جو چوڻ هو ته ٻنهي جي صلاحيتن تي ڪنهن کي ڪو شڪ ڪونهي، هو پنهنجي ڏينهن تي اڪيلي سر ميچ کٽرائي سگهن ٿا، کين فارم ۾ اچڻ لاءِ هڪ سٺي ميچ گهرجي.
هن چيو ته سينيئر پليئر طور ٽيم جيڪا ذميواري ڏيندي آهي پوري ڪرڻي پوندي آهي، خواهش آهي ته هتي سٺو پرفارم ڪيون، نسيم، حارث، شاهين چئن سالن کان سٺو کيڏي رهيا آهن.

MohammadAmir T20WorldCup2024 Pakistancricketeam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.