گيانا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ميچ ۾ يوگنڊا پاپوا نيوگيني کي ٽن وڪيٽن تان هارائي ميگا ايونٽ ۾ پهرين فتح حاصل ڪري ورتي.
گروپ سي جون ٻئي ٽيمون گيانا جي نيشنل اسٽيڊيم آمهون سامهون ٿيون، جتي يوگنڊا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو .
پاپوا نيوگيني پهريان بيٽنگ ڪندي 20 هين اوور ۾ 77 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، حري حري 15، ليگا سياڪا ۽ ڪيپلن ڊوريگا 12-12 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
يوگنڊا گهربل هدف 19 هين اوور ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. شروعاتي جهٽڪن کانپوءِ يوگنڊا جي رياضت علي شاهه ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ 33 رنسن جي اننگ کيڏي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن تي کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
Uganda RiazatAliShah T20WorldCup2024