سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ اسپيشل ٻارن بابت سيشن

ڪراچي: (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته دنيا جي آبادي مان تقريبن 16 سيڪڙو آبادي (01 ارب کان وڌيڪ) اسپيشل ماڻهن جي آهي، اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڏيڍ ڪروڙ اسپيشل ماڻهو آهن، تنهن ڪري سماج کي انهن سان برابريءَ وارو رويو رکڻ سان گڏ سٺو سلوڪ ڪرڻ گهرجي ۽ کين ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ گهرجن خاص طور تي عمارتن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾.

خميس ڏينهن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ يونيورسٽي جي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ طرفان اسپيشل ٻارن بابت منعقد ڪيل آگاهي سيشن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسان کي پنهنجين نظرانداز ٿيل ڪميونٽيز جهڙوڪ عورتن ۽ اسپيشل ماڻهن کي ملڪ جي هر شعبي ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي ملير ڪيمپس ۾ ٺاهيل عمارتن ۾ اپيشل ماڻهن لاءِ سهولتون شامل ڪيون آهن.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي اچڻ تي ممتاز انسان دوست عبدالستار ايڌي جي فرزند ۽ ايڌي فائونڊيشن جي چيئرمين فيصل ايڌي جا ٿورا مڃيا. وائيس چانسلر جي تجويز تي حاضرين اٿي بيهي عبدالستار ايڌي جي عظيم خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو آهن، جن جو ڪو به تڪرار نه رهيو ۽ عبدالستار ايڌي انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر مجيب صحرائي فيصل ايڌي جي خدمتن کي به ساراهيو، جنهن پنهنجي والد جي عظيم مشن کي جاري رکيو آهي. وائيس چانسلر کيس انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجي ڀرپور سهڪار جي آڇ پڻ ڪئي.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي شاگردن جي رپورٽن کي پڻ ساراهيو، جيڪي انهن اسپيشل ماڻهن بابت تيار ڪيون هيون. هن چيو ته اهڙي طرح شاگردن پنهنجي سماجي ذميواري به پوري ڪئي آهي.

فيصل ايڌي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته جيڪي اسپيشل ماڻهو ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪري رهيا آهن، اهي ئي اسان جا اصل هيرو آهن، جن جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهي ماڻهو جدوجهد ڪري رهيا آهن، پنهنجي بهتر زندگي جا خواب ڏسي رهيا آهن ۽ سماج ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري اسان کي انهن جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي شهر ۾ پرائمري اسڪولن ۾ 20 لک ٻار داخل آهن ۽ 26 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ان ڪري ملڪ جي سمورن ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

فيصل ايڌي جو چوڻ هو ته اسان کي هڪ هنرمند پاڪستان جي ضرورت آهي، جتي عام ۽ خاص ٻارن کي مختلف مهارتون سيکاريون وڃن. هن سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ ڊپارٽمينٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز جي شاگردن ۽ فيڪلٽي جي واکاڻ ڪئي جن اسپيشل ماڻهن بابت پروگرام منعقد ڪيو.

ان موقعي تي اسپشل ماڻهن مان گولڊ ميڊلسٽ، پي ايڇ ڊي ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي وزيٽنگ فيڪلٽي صبا غزالي، ماهوار قومي زبان جي سب ايڊيٽر، انجمن ترقي اردو سيد علي حسن، ريسيپشنسٽ پريتي ورودرا ، ڪو-سي اي او ۽ ٽي ڊي ايف فوڊز جي باني علي خان ترين پنهنجي ڪاميابين جون ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ تجويز ڏني ته حڪومت کين (خاص ماڻهن) کي ملازمت توڻي عوامي هنڌن تي سهولتون فراهم ڪري. دارالسلام ويلفيئر سوسائٽي جي سي اي او سيوا ايم پريرا پڻ اسپيشل ماڻهن جي ضرورتن ۽ مسئلن بابت ڳالهايو.

ان موقعي تي وائيس چانسلر مهمانن کي شيلڊون ڏنيون. سيشن دوران ميڊيا ڊپارٽمينٽ جي شاگردن اسپيشل ماڻهن جي روزاني زندگي، سرگرمين ۽ مسئلن تي وڊيو رپورٽون ۽ مختصر فلمون پيش ڪيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.