ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪار عورت جا وار ڪٽي ڇڏيا

ڪراچي (رپورٽر) ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس جو هڪ ٻيو اڻوڻندڙ ​​رويو سامهون آيو، جتي عورت اي ايس ايف اهلڪارن شڪ جي بنياد تي  عورت  جا وار ڪٽي ڇڏيا. متاثر عظميٰ سيما بانو جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان حج لاءِ رواني ٿي ۽ اي ايس ايف اسڪينر تي سيڪيورٽي ڪليئرنس ورتي، پر اي ايس ايف جي عورت اهلڪار رضوانه شڪ جي بنياد تي مسافر سيما بانو جي مٿي جا وار ڪٽيا ۽ ٻيهر اسڪينر ذريعي چيڪنگ ڪرائي ڪا به شڪي شيءِ نه ملي. ايئرپورٽ ذريعن موجب اي ايس ايف اهلڪار کي عورت جي وار تي شڪ ٿيو. ٻئي طرف هيومن رائيٽس ڪميشن (ايڇ آر سي پي) واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ايئرپورٽ سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان عورت مسافر جا وار ڪٽڻ عزت نفس مجروح ڪئي وئي آهي ۽ بيحرمتي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.