گمبٽ ( ن ع آ ) گمبٽ لڳ گھرو اڻبڻت تان جوابدار پسٽل جا فائر ڪري چاچيءَ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، خبر موجب گمبٽ لڳ جويا پاڙي ۾ گھرو اڻبڻت تان جوابدار امان الله جويو پنھنجي چاچي نجما زال خير محمد جويو کي گولي ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.