اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله نيب ترميمن واري ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ بابت اختلافي نوٽ جاري ڪري ڇڏيو.
جسٽس اطهر من الله 13 صفحن جي نوٽ ۾ لکيو ته عوام کي سپريم ڪورٽ جي سڌي ريت نشريات تائين پهچ نه ڏيڻ جو ڪو جوڳو ڪارڻ موجود ناهي، پر ان سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ طئي ڪيل اصولن جي ڀڃڪڙي ٿيندي.
هن لکيو ته اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن گرفتار ڪري جيل اُماڻيو ويو ته هو ڪو عام قيدي نه هو پر آئين ٽوڙيندڙ فوجي آمر جي رياستي مشينري جي متاثر ڌر هو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ چئن ڏهاڪن کانپوءِ ويجهڙ ۾ ذوالفقار ڀٽو جي ناانصافي جو ذڪر ڪيو ته کيس شفاف ٽرائل کان محروم رکيو ويو، پر ڀٽو کي جيڪو نقصان پهتو ان جو پورائو نٿو ٿي سگهي.
اطهر من الله لکيو ته بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف به ڪي عام ڏوهاري نه هئا، انهن ٻنهي کي به رياستي طاقت جي غلط استعمال جو منهن ڏسڻو پيو، ٻئي عوامي نمائندا هئا ۽ ٻنهي جا لکين فالوورز هئا، ٻنهي هراسان ڪيو ويو سندن خلاف غير چونڊيل ماڻهن طرفان بنا ثبوتن جي ڪرپشن جا ڪيس ٺاهيا ويا.
هن چيو ته حيرت جوڳي ڳالهه آهي ته هڪ ٻئي وزيراعظم جي خلاف ڪيئي ٽرائلز هلايا پيا وڃن جنهن ۾ ڪجهه ۾ کيس سزا ٿي چڪي آهي، تازين چونڊن مان ثابت ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ باني جا به لکين سپورٽرز آهن، هو ڪو عام ڏوهاري يا قيدي نه آهي.
هن لکيو ته چونڊيل عوامي نمائندن جي ساک کي ڇيهو رسائڻ ۽ کين هراسان ڪرڻ ۾ عدليا جي ڳٺ جوڙ رهي، اِهو تاثر اُڀري رهيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا جي ڳٺ جوڙ جي ڪري چونڊيل نمائندن سان بدسلوڪي ٿيندي رهي آهي.
جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته نيب قانون فوجي آمر 16 نومبر 1999 تي لاڳو ڪيو، جنهن ذريعي سياستدانن کي انتقام جو نشانو بڻايو ويو.
هن چيو ته مسلسل اِهي الزام لڳندا رهيا آهنته نيب سياسي انجينيئرنگ لاءِ استعمال ٿيندو رهيو، غير امتيازي سلوڪ سبب عوام جي نظر ۾ نيب جي ساک ۽ غيرجانبداري کي سخت نقصان پهتو.
اطهر من الله پنهنجي نوٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته نيب قانون سبب ماڻهن کي ڪيئي مهينن ايستائين جو ڪيئي سال قيد ۾ رکيو ويو، نيب چوي ٿو ته ٽرائل 30 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو، نيب جي ڪري ملڪ کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان پهتو، شاهد خاقان عباسي، نواز شريف، يوسف رضا گيلاني جي نه رڳو تذليل ڪئي وئي پر سندن وقار پڻ مجروح ڪيو ويو.
You might also like