اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي آفيشل ايڪس هينڊل سان اڳوڻي بنگلاديشي وزير اعظم مجيب الرحمان بابت ٽوئيٽ جي معاملي تي ايف آءِ اي کي بئرسٽر گوهر خان ۽ ترجمان رئوف حسن خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن بئرسٽر گور ۽ رئوف حسن ايف آءِ اي جي نوٽيسز کي چيلينج ڪيو هو، اڄ درخواست تي ٻڌڻي بعد عدالت ايف آءِ اي کي ٻنهي اڳواڻن خلاف ڪارروائي کان روڪيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني ايف آءِ اي طلبي نوٽيسز خلاف تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو، حڪم ۾ چيو ويو آهي ته رئوف حسن ۽ بئرسٽر گوهر ايف آءِ اي آڏو پيش ٿين ۽ ايف آءِ اي ٻنهي کي هراسان نه ڪري ۽ نه ئي ڪارروائي ڪري.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 25 جون تائين جواب گهري ورتا.
عدالت اهو به حڪم ڏنو ته بئرسٽر گوهر ۽ رئوف حسن ايف آءِ اي ۾ پيش ٿي ڪري پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائن.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ وڊيو شيئر ڪرڻ بابت جاچ لاءِ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي ويا.
Pakistan PTI FIA