ڀارت جي چيف جسٽس ڊي واءِ چندر چوڙ چيو آهي ته مان ڪڏهن به سياسي دٻاءَ کي منهن ناهي ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب برطانيا ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي اداري کي خطاب ڪندي ڀارتي چيف جسٽس عدالتي نظام ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪردار تي روشني وڌي.
هن فيصلن دوران سياسي ۽ سماجي دٻاءَ بابت سوال تي چيو ته 24 ورهين جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به سياسي دٻاءَ کي منهن ناهي ڏنو.
سندس چوڻ هو ته عام چونڊون آئين ۽ جمهوريت جي بنياد تي ٿينديون آهن، ڀارت ۾ ججن جي چونڊ ناهي ڪئي ويندي، جمهوريت ۾ عدليا جو اهم ڪردار آهي.
DhananjayaYeshwantChandrachud india newdelhi