ڊيلاس ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته انفرادي هدف بعد ۾ ايندا آهن، سندس هڪ ئي مقصد ورلڊ ڪپ کٽڻ آهي.
ڊيلاس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني ڪپتان چيو ته هو سٺي تياري سان آمريڪا پهتا آهن، سندن ذهن ۾ آهي ته ڪهڙي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي، ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
بابر اعظم چيو ته اسان ماضي ۾ به اهڙين حالتن ۾ کيڏيا آهيون، بيٽرن انڊروز ۾ ٽريننگ ڪري رهيا آهن، بالرن فيلڊ ۾ ٽريننگ ڪئي آهي، جيڪي سهولتون دستياب هيون اِهي استعمال ڪندي پريڪٽس ڪئي آهي.
هن چيو ته وارم اپ ميچون نه ٿيڻ سان ڪو فرق نٿو پوي ڇو ته اسان ڪرڪيٽ کيڏندا پيا اچون.
سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪرڪيٽ ٿي رهي آهي انڪري اِهو نه سوچيو ته هتي اِهو ناهي ملي رهيو، گرائونڊ کان هوٽل جي مفاصلي يا سهولتن بابت سوچڻ اسان جو ڪم ناهي اِهو بورڊ جو ڪم آهي.
بابرا عظم چيو ته ڪپتان طور هر رانديگر تي يقين آهي ۽ شاداب تي سڀ کان وڌيڪ يقين آهي ڇو ته شاداب مختلف ڪنڊيشنز ۾ پرفارم ڪيو آهي، هو راند جي ٽنهي شعبن ۾ ڪارائتو هوندو آهي، اميد آهي ته هتان جي ڪنڊيشن شاداب خان لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
ڪپتان چيو ته ڪرڪيٽرن جي ڪيريئر ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، رانديگرن کي جيترو سپورٽ ڪنداسين ان جو فائدو ٽيم کي ئي ٿيندو، ڪرڪيٽ ٽيم گيم آهي جيڪڏهن ڪنهن رانديگر جو برو ڏينهن آهي ته کيس ڪور ڪندا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ورلڊ ڪپ سڀاڻي کان شروع ٿي رهيو آهي، هاڻ سمورن سينيئر پليئرن کي اڳتي اچي ذميواري کڻڻي پوندي، ڪوشش ڪنداسين ته جيڪي غلطيون ٿيون اِهي نه ورجايون.
You might also like