شينزن (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سينيٽر محمد اورنگزين چيو آهي ته ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي پنهنجن پيرن تي کڙو ڪرڻ حڪومت تي هدف ۾ شامل آهي.
وفاقي وزير چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين ڪانفرنس ۾ چوڻ هو ته وزير اعظم جي ايجنڊي ذريعي معيشت جي ترقي ۾ صرف حڪومت نه نجي شعبا به پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ايندڙ مالي سال دوران پانڊا بانڊ جاري ڪنداسين، چيني واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۾ واڌ ڪرڻي پوندي.
هن ٻڌايو ته ملڪي معيشت ۾ تنگي هڪ حقيقي مسئلو آهي، مجوعي قومي پيداوار جو تناسب سان ٽيڪسز جي شرح وڌائي 13 کان 14 سيڪڙو جي سطح تي آندو ويندو.
Pakistan Budget Taxes