پي ٽي آءِ کي جلسي جي اجازت نه ڏيڻ تي ڪراچي انظاميا جو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي انتظاميا تحريڪ انصاف کي شهر ۾ جلسي جي اجازت نه ڏيڻ جو عدالت کي سبب ٻڌائي ڇڏيو.
ڪراچي جي ضلعي اوڀر جي ڊپٽي ڪمشنر شهزاد فضل عباسي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.
ڊي سي اوڀر جي رپورٽ موجب پي ٽي آءِ قائداعظم جي مزار سامهون، نشتر پارڪ يا شاهراهه قائدين تي جلسي جي اجازت گهري هئي پر سيڪيورٽي ادارن ضلعي انٽيليجنس ڪميٽي ۾ دهشتگردي جي خدشن کان آگاهه ڪيو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ قومي سطح جي ليڊر شپ شريڪ ٿيندي، امن امان جي صورتحال بهتر ٿيڻ تائين جلسي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسان ايس ايس پي رپورٽ کانپوءِ ئي اجازت ڏيڻ جا مجاز آهيون.

sindhhighcourt karachi pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.