ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 90 ڏينهن لاءِ هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڇوٽ هوندي.
صوبائي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ هٿيارن جي نمائش تي 90 ڏينهن جي پابندي فوري طور لاڳو ٿيندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان پابندي کان آجا هوندا، جڏهن ته رجسٽرڊ سيڪيورٽي ڪمپنين جا گارڊ به هٿيار گڏ رکي سگهندا.
پر چرپر دوران هٿيارن جي نمائش جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته گارڊ گشت دوران هٿيارن جي نمائش نه ڪري سگهندا.
نوٽيفڪيشن موجب ايس ايڇ اوز کي ڀڃڪڙي ڪندڙن تي ڪيس جو اختيار ڏنو ويو آهي.
sindhgovernment sindh ppp