شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪٽنب جي مالي ڪفالت، علي شيخاڻي طرفان هڪ ڪروڙ رپين جي فراهمي

گهوٽڪي/ڪراچي (پ ر) گذريل هفتي ميرپورماٿيلي ۾ بي باڪ صحافي نصرالله گڏاڻي کي فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو تنهن کانپوءِ کيس ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ۽ شهيد جي ڪٽنب جي مالي ڪفالت جا اعلان به ڪيا پيا وڃن. ان ڏس ۾ پاڪستان ڄائي آمريڪي شهري ۽ واپاري علي شيخاڻي طرفان شهيد جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي مالي مدد ڪئي وئي آهي.

جي ڊي سي جي ظفر عباس ۽ سنڌ جي سينيئر صحافي وقار لغاري جي خاص اپيل تي پاڪستان ڄائي آمريڪي واپاري علي شيخاڻي شهيد جي ڪٽنب جي مالي ڪفاليت لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي رقم جو بندوبست ڪيو.

علي شيخاڻي طرفان ڊي سي گهوٽڪي محمد علي، جي ڊي سي جي ظفر عباس ۽ سينيئر صحافي وقار لغاري ميرپورماٿيلي وڃي شهيد جي ڪٽنب تائين اها رقم پهچائي.

هن رقم مان 10 لک رپيا شهيد جي ماءُ کي ڏنا ويا جڏهن ته ٻي رقم 90 لک رپيا شهيد جي بيواهه حوالي ڪيا ويا.

ان کانسواءِ جي ڊي سي جي ظفر عباس طرفان به شهيد نصرالله گڏاڻي جي 6 ٻارن لاءِ 6 ليپ ٽاپ ۽ 6 لک رپيا روڪ مدد ڪئي وئي جڏهن ته شهيد جي معصوم ٻارن طرفان فرمائش ڪرڻ تي قرباني لاءِ هڪ وڏي ڳئون جو به انتظام ڪيو ويو جيڪا ٻن ڏينهن ۾ انهن تائين پهچائي ويندي.

ان کانسواءِ به ظفر عباس ۽ سينيئر صحافي وقار لغاري شهيد جي ٻارن کي سندن تعليم ۽ ٻين ضرورتن جي خرچن بابت خاطري ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.