نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي نائين ايڊيشن ۾ ڀارتي ٽيم پنهنجي مشن جي شروعات سڀاڻي آئرلينڊ خلاف ميچ کان ڪندي.
نيويارڪ جي نسائو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول گروپ اي جي ميچ ڀارت ۽ آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا پاڪستاني وقت موجب شام ستين وڳي شروع ٿيندي.
ڀارتي ٽيم آئرلينڊ خلاف پنهنجي ورلڊ ڪپ مهم جي شروعات ڪندي جنهن کانپوءِ نوَ جون تي ساڳي ئي ميدان تي ميگا ايونٽ جو مها دنگل ۾ پاڪستان سان مهاڏو اٽڪائيندي.
IndianCricketTeam T20WorldCup2024 IrelandCricketteam