ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پريت آباد گئس سلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ ٻه زخمي سول اسپتال ڪراچي ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا.
اسپتال اختيارين موجب 15 ورهين جي عليشا ۽ سندس 8 ورهين جو ڀاءُ حسن فوت ٿي ويا، جنهن کانپوءِ حادثي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو آهي.
اختيارين ٻڌايو ته 5 زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
hyderabad sindh pakistan