پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي” ڪائو بواءِ هيٽ “ تصويرن تي مداح تپي باهه ٿي ويا

ڊيلاس ( ويب ڊيسڪ ) جهڙو ديس تهڙو ويس جي روايتي چوڻي تي عمل ڪندي آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ موجود پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيئي رانديگرن جي ” ڪائو بواءِ هيٽ “ يا ” اسٽيٽسن هيٽ “ سان تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ موجود آهي جتي هو خميس ڏينهن ميزبان آمريڪا خلاف ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کيڏندي.
گذريل ڏينهن جتي ٽيم جي ٽريننگ جو وڊيوز ۽ تصويرون ميڊيا توڻي سوشل ميڊيا تي گردش ڪنديون رهيون اتي شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه، فخرزمان، افتخار احمد ۽ عماد وسيم جي ڪائو بواءِ هيٽ سان تصويرون آءِ سي سي جي ميڊيا ٽيم طرفان ٺاهيل وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
ان کانسواءِ ڪيئي رانديگرن، جن ۾ عباس آفريدي به شال آهي ڏاندن جي ويڙهه جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، پاڪستاني بيٽر افتخار احمد به هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ظاهري طور هڪ روپنگ رنگ ۾ ٺاهي وئي آهي.
ان حوالي سان جتي سوشل ميڊيا تي معمول موجب واهپيدارن رانديگرن کي ” ڪرڪيٽ تي ڌيان “ ڏيڻ جا مشورا ڏنا ، اتي اڪثر واهپيدارن اهڙين تصويرون شيئر ڪرڻ تي ٽيڪساس ۽ ڪائو بواءِ ڪلچر ۽ سندن هيٽس بابت تجسس جو شڪار نظر آيا.
اچو ته اوهان کي ٻڌايو ته ” ڪائو بواءِ ڪلچر “ ڇا آهي ۽ ڪائو بواءِ هيٽ آمريڪي ثقافت ۾ ايتري اهميت ڪيئن اختيار ڪئي جو مختلف دورن ۾ آمريڪي صدرن به اِها ٽوپي پاتي ۽ آمريڪي تشخص جي علامت بڻجي وئي.
آمريڪا ۾ ڪائو بواءِ ڪٿان آيا هئا؟
جڏهن هسپانوي آبادڪار 1519 ۾ اميرڪس آيا ته هنن پنهنجي چوپائي مال کي پالڻ لاءِ وڌيڪ واڙا ٺاهڻ شروع ڪيا، ان دوران اسپين مان گهوڙا ڊرآمد ڪيا ويا.
ميڪسيڪو جي مقامي ڪائو بوائز کي ” ويڪوروز “ چيو ويندو آهي جيڪو هسپانوي زبان جي لفظ ” واڪا “ مان نڪتو آهي جنهن جو مطلب ڳئون آهي.
ارڙهين صديءَ ۾ چوپائي مال جي واڌ ويجهه اڄوڪي رياست ٽيڪساس، ايريزونا، نيو ميڪسيڪو ۽ ايستائين جو ارجنٽينا ۾ به ٿيڻ لڳي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.