ڀارتي ٽيم 11 ورهين کان آءِ سي سي ايونٽ نه کٽڻ واري راويت ٽوڙي سگهندي؟

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن جاري آهي، جيڪو چئن هفتن تائين آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ کيڏيو ويندو.
ڀارت هن وقت نه رڳو دنيا جي نمبر ون ٽيم آهي پر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 کٽڻ لاءِ فيورٽ ٽيمن منجهان هڪ آهي، ڀارتي ٽيم سان نه رڳو شوقينن جون اميدون سلهاڙيل آهن پر ٽيم جي ڪارڪردگي تي شوقينن ۽ ماهرن جون نظرون پڻ کتل آهن.
ڪرڪيٽ جي دنيا جي نمبر ون ٽيم هئڻ باوجود هي ٽورنامينٽ ڀارتي ٽيم لاءِ آسان نه هوندي، ڀارت 2007ع واري افتتاحي ورلڊ ڪپ ايڊيشن جو فاتح هو، پر ڀارت ٻيو ڀيرو اهڙي ڪارڪردگي ورجائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ان عرصي دوران ڀارت 2014 ۾ عالمي ڪپ جي فائنل تائين پهتو پر اتي ان کي سريلنڪا هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ڀارتي ڪرڪيٽ جي وڌندڙ اثر رسوخ، بي سي سي آءِ جي دولت ۾ بي پناهه واڌ ۽ ٽيلنٽ جي ڀرپار باوجود ويجهي ماضيءَ ۾ آءِ سي سي جا وڏا ٽائٽلز ڀارت جي پهچ کان پري رهيا آهن.
ڀارت آخري ڀيرو آءِ سي سي ايونٽ 2013ع جي چيمپئنز ٽرافي هئي جيڪا ڀارتي ٽيم مهندر سنگهه ڌوني جي قيادت ۾ کٽي هئي. جنهن کانپوءِ ايم ايس ڌوني، ويرات ڪوهلي، روهت شرما جهڙن رانديگرن ڀارت جي قيادت ڪئي پر ان باوجود ٽيم ڪو به آءِ سي سي ٽائٽل نه کٽي سگهي.
گذريل سال، ڀارت کي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ٻئي ڀيرا آسٽريلوي ٽيم هٿان شڪست ٿي.
2008ع ۾ شروع ٿيندڙ انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) کي نه رڳو رانديگرن جي ڪارڪردگي جي ڇنڊڇاڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر آءِ پي ايل جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيئي رانديگرن کي ڀارتي ٽيم ۾ شامل ۽ ڊراپ ٿيندا رهيا آهن.
ويرات ڪوهلي ۽ جسپريت بمرا جو شمار آءِ پي ايل 2024 جي بهترين رانديگرن ۾ ٿئي ٿو، ٽورنامينٽ جي شروعات ۾ ڪوهلي کي پنهنجي اسٽرائيڪ ريٽ سبب تمام گهڻي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو، پر هن پنهنجي شاندار بيٽنگ سبب تنقيد ڪندڙن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.
جيتوڻيڪ بمرا سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل نه ڪري سگهيو پر ان باوجود هو آءِ پي ايل جو سڀ کان بهترين بالر رهيو جنهن کان هر بيٽر ڊنل نظر آيو.
ڀارتي ٽيم جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ ڪوهلي ۽ بمرا جي جوڙ جو واحد رانديگر رشڀ پنت آهي، ان کانسواءِ هڪ ٻيو ذڪر جوڳو نالو شيوم دوبي جو آهي جيڪو پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد سليڪٽرن جو ڌيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جڏهن ته باقي اسڪواڊ ۾ ڪو به متاثر ڪندڙ رانديگر نظر نٿو اچي.
ڇا هن ڀيري ڀارت آءِ سي سي ٽورنامينٽ نه کٽڻ جي روايت ٽوڙي سگهندو؟
سنجو سيمسن، سوريا ڪمار ياديو، ڪلديپ ياديو ۽ يوزويندر چهل هلندڙ سال آءِ پي ايل ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو پر سندن ڪارڪردگي غير معمولي نه هئي.
ان کانسواءِ يشسوي جئسوال، رويندرا جاڙيجا، اڪشر پٽيل، ارشديپ سنگهه کي ٿوري گهڻي ڪاميابي ملي، جڏهن ته فاسٽ بالر محمد سراج جي ڪارڪردگي گهڻي حد تائين غير متاثر ڪندڙ ئي رهي.
ورلڊ ڪپ دوران سموريون ٽيمون آسٽريليا مان آندل ڊراپ اِن پچز سبب متاثر ٿي سگهن ٿيون.
ڀارت وٽ 3 لفٽ آرم اسپنر سان گڏوگڏ بهترين فاسٽ بالر به آهن جنهن ۾ خليل احمد ۽ اويش خان کي ريزرو ۾ رکيو ويو آهي، پر ظاهر طور هن بالنگ اٽيڪ ۾ ايتري ورائٽي يعني مختلف آپشنز نه آهن.
ڀارت آءِ پي ايل ۾ بُري ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ڪپتان روهت شرما ۽ نائب ڪپتان هاردڪ پانڊيا سبب ڳڻتي ۾ مبتلا آهي، ممبئي انڊينز ٽيم ۾ ڪپتاني سبب پيدا ٿيندڙ تڪرار به رانديگرن وچ ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
ڀارت جي ڪاميابي روهت شرما جي جارحاڻي اوپننگ تي دارومدار رکي ٿي، جيئن ون ڊي ورلڊ ڪپ دوران ٿيو، پانڊيا کي فنشر ، تيز بالر ۽ بهترين فيلڊر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن پانڊيا گهرجن پٽاندڙ پرفارم نه ڪيو ته ٽيم جو توازن بگڙي سگهي ٿو.
ڀارتي سليڪٽرن ڪوشش آهي ته سليڪشن وقت سمورن شعبن کي نظر ۾ رکي ۽ ورلڊ ڪپ کٽڻ واري ٽيم جوڙي وڃي، ڀارتي ٽيم ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ نه آهي پر ان سموري صورتحال باوجود ڪيئي رانديگرن جو فارم سوال نشان بڻيل آهي.
ڀارتي سيليڪٽرن اهڙن ڪيئي رانديگرن کي موقعو ڏيڻ چاهيو آهي جيڪي آءِ پي ايل ۾ ڇانيل رهيا، هاڻ ورلڊ ڪپ ۾ سندن انهن پرڏيهي رانديگرن سان مقابلو هوندو جيڪي آءِ پي ايل ۾ ساڻن گڏ کيڏي چڪا آهن.
هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فيورٽس ۾ انگلينڊ به شامل آهي جيڪا دفاعي چيمپيئن آهي، ان کانسواءِ ويسٽ انڊيز، جيڪا ٻه ڀيرا عالمي ڪپ کٽي چڪي آهي ۽ جنهن کي هوم ايڊوانٽج به حاصل آهي، جڏهن ته آسٽريليا جنهن گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي چيمپيئن بڻجڻ جو خواب ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو شامل آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گذريل اٺ ايونٽس ۾ ڇهه مختلف ملڪ فاتح رهيا جنهن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا به شامل آهن، جنهن مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن به ٽيم جو ماضيءَ جو فارم ايترو اهميت نٿو رکي.
افغانستان جهڙيون ٽيمون تجربيڪار ۽ وڏين ٽيمن کي اَپ سيٽ ڪري سگهن ٿيون جيئن ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ به ٿيو ، هلندڙ سال ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح بابت اڳڪٿي ڪرڻ ڏکيو آهي.
ڀارت ليگ اسٽيج ۾ پاڪستان سان هڪ ئي گروپ ۾ آهي، ٻئي راويتي مخالف نوَ جون تي هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائيندا جنهن کي ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو دنگل قرار ڏنو ويندو آهي، اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته هن ڀيري اِها ميچ ٻه ارب ماڻهو سڌي ريت ڏسندا.
ٻنهي ٽيمن مان ڪو به هارائڻ نٿو چاهي، ڀارت کي آءِ سي سي ٽورنامينٽ جي مقابلن ۾ پاڪستان خلاف واضح سرسي حاصل آهي پر ان جو نظرون ايندڙ مقابلن تي به کتل آهن.
پاڪستان کي هارائڻ هڪ قدم ٿي سگهي ٿو پر اصل هدف ورلڊ ڪپ کٽڻ هوندو.

T20WorldCup2024 Indiancricketteam BCCI

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.