ملڪ جي 12 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پوليو خلاف مهم باوجود ملڪ ۾ پوليو وائرس جي پکيڙ جاري آهي.
اختيارين موجب ٻن نون ضلعن ڊيرا اسماعيل خان ۽ بهاولپور سميت 12 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
ميرپورخاص، ڪراچي ڏکڻ، اوڀر ۽ ڪورنگي جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي ٻيهر تصديق ٿي آهي.
ان کانسواءِ لڪي مروت ۽ پشاور، اوستا محمد، چمن، ڪوئيٽا ۽ مستونگ جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي نشاندهي ٿي آهي.
اختيارين موجب هيل تائين پاڪستان جي 42 ضلعن ۾ پوليو وائرس پکڙجي چڪو آهي.

polio sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.