نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران لو اسڪورنگ سبب نيويارڪ اسٽيڊيم جي ڊراپ ان پِچ تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
گذريل ڏينهن ڏکڻ آفريڪا ۽ سريلنڪا وچ ۾ نيويارڪ ۾ کيڏيل ميچ لو اسڪورنگ جو شڪار رهي جتي سريلنڪن ٽيم 77 رنسن تي ڍير ۽ ميچ ۾ مجموعي طور تي 14 وڪيٽون ڪِريون.
ڏکڻ آفريڪا گهربل هدف 17 هين اوور ۾ چئن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
لو اسڪورنگ ۽ بيٽرن لاءِ پِچ ۾ ڪجهه نه هئڻ تي ڊراپ پِچ تنقيد جي نشاني تي آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي اڳوڻي ڪپتان فاف ڊوپليسي پِچ کي اسپائسي قرار ڏنو جڏهن ته ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي جو چوڻ هو ته لو اسڪورنگ پِچ ڪنهن نئين هنڌ ٿيندڙ ڪرڪيٽ لاءِ سازگار نه آهي.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر چيو ته هو سمجهي ٿو ته ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ لاءِ سٺي پِچ هئي، بيٽ ۽ بال ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ برابري جي بنياد تي پِچ تيار ڪرڻ گهرجي، پر نيوارڪ جي پچ بالرن لاءِ وڌيڪ مددگار هئي.
ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو ته هي هڪ مشڪل وڪيٽ هئي، خوش قسمت آهيون جو اسان جون ٻه ميچون آهن ۽ هاڻي اسان کي به پچ جو اندازو ٿي ويو آهي.
T20WorldCup2024 SriLanka SouthAfrica