نيويارڪ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ نوَ جون تي شيڊيول ميچ ۾ واڌو سيڪيورٽي مقرر ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
نسائو ڪائونٽي جي ايگزيڪٽيو بروس بليڪمين چيو آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ لاءِ اضافي سيڪيورٽي هوندي، نسائو ڪائونٽي طرفان سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پراعتماد آهيون ته ڪجهه به نه ٿيندو.
هن چيو ته پاڪ-ڀارت ٽاڪرو دنيا جي سڀ کان وڏي ميچ آهي، انڪري ان ميچ دوران واڌو سيڪيورٽي مقرر ڪئي ويندي، جنهن لاءِ اسان جو پنهنجو نسائو ڪائونٽي پوليس ڊپارٽمينٽ آهي جيڪو وڏن ايونٽس جا انتظام سنڀاليندو آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ جي مها دنگل جي سلسلي ۾ نيويارڪ، اسٽيٽ پارڪ پوليس ايف بي آءِ، رپورٽ اٿارٽي پوليس ۽ ايم ٽي اي پوليس سميت رضاڪار فائٽرن ذميواري سنڀالي ورتي آهي.
ياد رهي ته پاڪ-ڀارت ميچ نوَ جون تي نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ شيڊيول آهي.
NewYork security IndiavsPakistan T20WorldCup2024