حڪومت عوام تي ”بجلي“ ڪيرائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجيٽ کان اڳ بجلي واهپيدارن تي 46 ارب 61 ڪروڙ رپين جو واڌو بار وڌو ويو، جون لاءِ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 90 پئسا مهانگي ڪئي وئي.
نيپرا ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب جون لاءِ في يونٽ بجلي هڪ رپيو 90 پئسا مهانگي ڪئي وئي، جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ لاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ 93 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدارن کان واڌو وصوليون جون کان آگسٽ 2024 ۾ ڪيون وينديون، واڌ هلندڙ مالي سال جي ٽين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪئي وئي آهي.

nepra pmln pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.