حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اڳوڻي ليجنڊري ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته کيس اڃا محبت ڳولڻي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڀارتي ڪاميڊين ڪپل شرما جي شو ۾ شرڪت جو هڪ پرومو وائرل ٿي رهيو آهي جنهن دوران ڪپل شرما کيس ياد ڏياري ٿو ته اوهان کي هڪ دفعي شاهه رخ خان چيو هو ته جيڪڏهن ثانيا مرزا تي بائيوپِڪ ٺهي، هو ان فلم ۾ اوهان جي محبت جو ڪردار نڀائڻ چاهيندو.
جنهن تي ثانيا مرزا ڪپل شرما کي واضح ڪندي چيو ته هن کي اڃا محبت ڳولڻي آهي.
SaniaMirza KapilSharmaShow ShahrukhKhan