پيرڳوٺ ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو مارجي ويو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ ) پيرجوڳوٺ جي گل مسجد اسٽاپ وٽ کير جي دڪان تي ويٺل پيرجوڳوٺ جي ڪچي آبادي جي رهواسي رياض احمد اڄڻ کي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته اهڙي اطلاع تي پيرجوڳوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بعد مقتول نوجوان جي گهر ۾ قهرام مچي ويو آهي، ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول صدر جي ڀٽيون لڳ ڳوٺ پيارو اڄڻ جو رهواسي هو جيڪو ڪجهه سال اڳ پيرجوڳوٺ جي ڪچي آبادي لڏي ويٺو هو، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ اڄڻ برداري ۾ پراڻي دشمني ٻڌايو پيو وڃي جڏهن ته اهڙي واقعي بعد پيرجوڳوٺ ۾ سخت خوف حراس پکڙجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.