ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته ڪراچي ۾ انجنيئر، ڊاڪٽر ۽ فوڊ پانڊا جا ملازم به محفوظ ناهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي. ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال جيئن جو تيئن آهي. هن چيو ته شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو شهرين کي ڦريو پيو وڃي، 60 کان وڌيڪ قتل ٿي چڪا آهن، مائرن جا لال کسيا پيا وڃن، هي شهر موهن جو دڙو جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته صورتحال جو نوٽيس ورتو وڃي.