چين جو خلائي مشن چينگ اي 6 ڪاميابي سان چنڊ جي پراسرار تاريڪ حصي تي لينڊ ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب چينگ اي 6 ڪاميابي سان چنڊ تي لينڊ ڪري ورتو آهي، جتان هو نمونا گڏ ڪري زمين تي واپس موڪليندو.
ان مشن جي لينڊر چنڊ جي قطب ۽ ڏکڻ جي شمال مشرقي خطي ۾ واقع پول اٽڪن بيسن تي لينڊ ڪيو.
ماهرن موجب اهو چنڊ جو اهو حصو آهي جنهن جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ناهن تنهن ڪري مشن اتان جا نمونا گڏ ڪري زمين تي موڪليندو.
نمونا گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو مشن چنڊ تي ٻيا به ڪيترائي تجربا ڪندو.
نمونا گڏ ڪرڻ بعد لينڊر چنڊ جي سطح سان پرواز ڪري ڪري چنڊ جي مدار تي موجود آربٽر سان جڙي ويندو، انکان پوءِ چينگ اي مشن جو زمين طرف واپسي جو سفر شروع ٿيندو ۽ 5 ڏينهن بعد ڪيپسول زمين جي ماحول ۾ داخل ٿي ڪري شمالي چين تي لينڊ ڪندو.
You might also like