ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يورپي ڪميشن قومي ايئرلائن پي آءِ اي جي اڏامن تي لاڳو پابندي کڻڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان اي يو ڪميشن جا ٻڌايل قدم نه کڻڻ سبب پابندي ۾ واڌ ٿي آهي.
31 مئي تي اي يو ڪميشن جي اجلاس ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ پاڪستان کي سول ايوي ايشن ۾ پيشيوراڻي قابليت رکندڙ آفيسر مقرر ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
رپورٽ موجب سول ايوي ايشن جي ريگيوليٽري ڊپارٽمينٽ جي غير سنجيده رويي سبب 4 سالن کان پابندي لاڳو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته يورپي ملڪن ۾ اڏامون بحال نه ٿيڻ سبب پي آءِ اي جي نجڪاري تي به ناڪاري اثر پئجي سگهن ٿا.
يورپي ڪميشن پي آءِ اي جي اڏامن تي لاڳو پابندي کڻڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو
You might also like