واٽس ايپ طرفان مسلسل ڪيترائي نوان ۽ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ جو سلسلو جاري رهندو آهي ته جيئن واهپيدار ٻين سروسز جو رخ نه ڪن.
ان مقصد لاءِ واٽس ايپ ۾ اپريل 2024 ۾ چيٽ فلٽرز جو فيچر واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو.
ان فيچر ذريعي واهپيدار آل، ان ريڊ ۽ گروپن جي نالن سان 3 چيٽ فلٽرز واهپيدارن کي دستياب هوندا.
ويب ٽين انفو جي رپورٽ موجب ميسيجنگ ايپ ۾ فيورٽ چيٽ فلٽر جي واڌ ڪئي پئي وڃي.
واٽس ايپ جي اينڊرائڊ بيٽا ورجن ۾ ان نئين فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي، اهو فيچر اهڙن واهپيدارن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي، جن کي روزانو ڪيترائي ميسيجز موصول ٿيندا آهن ۽ پسنديدا ڪانٽيڪٽس کي پيغامن کي ٽريڪ ڪرڻ مشڪل هوندو آهي.
اصل ۾ ان جو حل پن چيٽ به آهي ان ذريعي به ڪيترن ئي محدود چيٽس کي ئي پن ڪري سگهجي ٿو.
فيورٽ فلٽر سان واهپيدارن لاءِ اهم ڪانٽيڪٽس ۽ گروپس جي ميسيجز تائين جلد رسائي ۾ مدد ملندي پر ان لاءِ انهن ڪانٽيڪٽسس کي فيوريٽ لسٽ ۾ شامل ڪرڻو هوندو.
ان لاءِ ايڊ فيوريٽس آپشن ۾ وڃڻو پوندو، هاڻي اهو فيچر بيٽا ورجن ۾ دستياب آهي ته اهو چوڻ مشڪل آهي ته ان کي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو.
You might also like