راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز مان سامان چوري ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، هيڊ ڪوارٽر مان 5 ڪروڙ رپين جي ماليت جو سامان چوري ٿيو هو.
پوليس موجب ڪروڙين رپيا ماليت جي سامان جي چوري ۾ اڳوڻو ايف آءِ اي ملازم به شامل آهي، مندرا ٿاڻي جي پوليس گرفتار جوابدارن وٽان چوري ڪيل سامان برآمد ڪري ورتو.
سامان ۾ موبائل فونز، وائرليس سيٽ، جعلي نمبر پليٽون، پرڏيهي ڪارڊ، سڃاڻپ ڪارڊ شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ 5 ڪروڙ رپين جي ملڪي ۽ پرڏيهي ڪرنسي به برآمد ڪئي وئي، گرفتار جوابدارن ۾ سعد انور ۽ محمد حمزا شامل آهن، چوري ۾ ملوث عبدالله خان، مهتاب، علي ۽ حسن اڳ ئي گرفتار آهن.
جوابدارن اعترافي بيان ۾ چيو ته سامان ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽرز جي سي بي سي آفيس مان چوري ڪيو ويو.
fia pakistan islamabad