اقليتن جا به ايترا ئي حق آهن جيترا منهنجا آهن: جسٽس منصور علي شاهه

لاهور (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته آئين ۾ اقليتن سميت سڀني شهرين جا حق برابر آهن، اقليتن جا به ايترا ئي حق آهن جيترا منهنجا آهن.
لاهور ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چاهيون ٿا اقليتي جج به عدليا ۾ اچن، اسلام به اسان کي اقليتن جي احترام جو درس ڏئي ٿو.
هن چيو ته آئين ۾ اقليتن کي تحفظ حاصل آهي، قومي پرچم ۾ اڇو حصو اقليتن جي نمائندگي ڪري ٿو.

justicemansooralishah supremecourtofpakistan pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.