اعظم خان ٽيم جو سڀ کان وڏو مسئلو قرار، اڳوڻي ڪپتان جو بابر کي اهم مشورو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست ۽ قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي کانپوءِ اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف موجودا ڪپتان بابراعظم کي محمد رضوان کان وڪيٽ ڪيپنگ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آهي.
پنهنجي بيان ۾ راشد لطيف چيو ته پاڪستاني ٽيم جو سڀ کان وڏو مسئلو وڪيٽ ڪيپر اعظم خان آهي، ٽيم وٽ ٻه وڪيٽ ڪيپر محمد عثمان ۽ محمد رضوان آهن.
هن مشورو ڏيندي چيو ته وڪيٽ ڪيپنگ سينيئر رانديگر کان ڪرائي وڃي، ڪنهن اهڙي رانديگر کي وڪيٽ ڪيپنگ ڪرڻ گهرجي جيڪو وڪيٽ پٺيان راند جي صورتحال کي سمجهي سگهي.
راشد لطيف اِهو به چيو ته محمد رضوان گذريل چئن ورهين کان وڪيٽن پٺيان ٽيم ڪارڪردگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هاڻ انتظاميا اِهو ڪارڊ ئي هٽائي ڇڏيو.
هن چيو ته ڪنهن به ٽيم کي ڪپتان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت وڪيٽ ڪيپر جي هوندي آهي، مان ۽ معين خان ٽيسٽ ۽ ون ڊي ميچن ۾ وڪيٽ ڪيپنگ ڪئي آهي، اسان جي وڪيٽ پٺيان ميچ جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر هوندي هئي.
سندس چوڻ هوته جيڪڏهن ڪيپر ئي ڪيچ ڇڏيندو ته پوءِ هو پنهنجي ڪپتان کي ميچ جي صورتحال بابت ڇا سمجهائيندو؟ ڪا به راند ڀلي اِها وڏي هجي يا ننڍي، جيڪڏهن ان ۾ ڪميونيڪيشن مسنگ آهي ته اوهان ڪيئن کيڏيندئو.
راشد لطيف وڌيڪ چيو ته اوهان پهريان اوپنرن جي جوڙي غلط ٽوڙي، وري محمد رضوان کان وڪيٽ ڪيپنگ کسي وئي، اسپنرن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي ۽ اسان ٽيم کي هارائيندو ڏسي رهيا آهيون.

T20worldcup2024 AzamKhan Rashidlatif BabarAzam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.