ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت 1400 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 40 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1200 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 6 هزار 19 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 16 ڊالر گهٽجڻ سان 2306 ڊالر في اونس آهي.
gold business goldrate