اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پارليامينٽ مان سمگلنگ روڪ ايڪٽ 1977 جو ٻيهر جائزو وٺي ان ۾ ترميم جي سفارش ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جو 7 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس شاهد وحيد لکيو، فيصلي جي ڪاپي اٽارني جنرل کي به موڪلي وئي آهي، عدالت فيصلي جي ڪاپي لا اينڊ جسٽس ڪميشن ۽ قانون واري سيڪريٽري کي به موڪلڻ جو حڪم ڏنو.
سپريم ڪورٽ سمگلنگ روڪ ايڪٽ 1977 ۾ ترميم جي سفارش ڪندي ان کي جائزي لاءِ پارليامينٽ موڪلي ڇڏيو آهي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ايڪٽ نقصن سان ڀرپور آهي، ايڪٽ ۾ اپيل جو حق رڳو جوابدارن کي ڏنو ويو آهي، حڪومت کي اپيل جو حق نه هجڻ جو مطلب آهي ته ايڪٽ جوابدارن کي فائدو پهچائي رهيو آهي.
سپريم ڪورٽ ايڪٽ ۾ ترميم جي سفارش ڪندي چيو مناسب هوندو ته پارليامينٽ قانون جو جائزو وٺي ته جيئن رياست کي اپيل جو حق ڏئي سگهجي.
supremecourtofpakistan qazifaezisa justiceshahidwaheed