ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

ميرپورماٿيلو: شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

ميرپورماٿيلي ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري ريلي ڪڍي وئي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو نعريبازي ڪئي وئي، احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته ايس ايس پي گهوٽڪي کي هٽايو وڃي. پريس ڪلب جي صدر اسد پتافي، برڪت ميراڻي، شفقت قاضي، پريم راٺوڙ، ثاقب گڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ۾ شهرين، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ويڏ انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ايس پي گهوٽڪي وڏيرن جو ڪمدار آهي ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل جي ڪيس جو رخ موڙڻ چاهي ٿو جيڪو اسان ڪڏهن ٿيڻ نه ڏينداسين، ايس ايس پي بنا دير قاتلن کي گرفتاري ڪري. هنن چيو ته جيڪڏهن قاتل گرفتار نه ٿيا ته ايس ايس آفيس آڏو قاتلن جي گرفتاري تائين مرڻ گهڙي تائين احتجاج ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.